ماجد صديقي
شرجيل ميمڻ جي واپسي، ايان علي جي آزادي ۽ خود آصف علي زرداريءَ جي ملڪ ۾ ڊگهي قيام ۽ کيس پنجاب ۾ ليول پلينگ فيلڊ ملڻ کان پوءِ جيڪو تاثر جڙيو هو، اهو آصف علي زرداريءَ جي ويجهن ساٿين جي اوچتو غائب ٿي وڃڻ واري واقعي کانپوءِ وري تيزيءَ سان زائل ٿي رهيو آهي. ان واقعي کان پوءِ پيپلز پارٽي اندر ڄڻ ڪو زلزلو اچي ويو آهي. هنن گذريل چند ڏينهن ۾ انهن غائب ٿيل همراهن جي حوالي سان جيتري واويلا ڪئي آهي، اوتري ته شايد هو پوري سنڌي قوم جي غائب ٿيڻ تي به نه ڪن ها. اصولي، اخلاقي ۽ قانوني حوالي سان ڪنهن به فرد کي کنڀي کڻي وڃڻ، ان کي غائب ڪري ڇڏڻ، ان کي ظاهر نه ڪرڻ ۽ ان کي قانون تائين رسائي نه ڏيڻ غيرقانوني عمل آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو قانون ۽ آئين هر شهريءَ کي ان ڳالهه جو حق فراهم ڪري ٿو ته ڪنهن به فرد ڀلي ڪهڙو به ڏوهه ڇو نه ڪيو هجي، ان کي ملڪ جي قانون ۽ انصاف جي نظام تائين رسائي ملڻ گهرجي، پر پيپلز پارٽي وارا ان آرگيومينٽ جي حق ۾ صرف تڏهن ڳالهائيندي نظر اچن ٿا، جڏهن سندن قيادت کي ويجهو ڪو شخص اوچتو ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسي پوي ٿو. غائب ٿيل سمورا فرد شايد آصف علي زرداريءَ جا ايترا ويجها آهن، جو پوري پيپلز پارٽي پنهنجا ٻيا سمورا ڪم ڪار ڇڏي سنڌ اسيمبليءَ کان سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ تائين رڳو انهيءَ واقعي جي ذڪر ۾ مصروف آهن. جنهن به پيپلز پارٽي ليڊر کي جتي به ميڊيا تائين رسائي ملي ٿي، اهو سڄي قوم کي ملڪ جي قانون ۽ آئين جي تقاضائن جي قوالي ٻڌائڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. کين قانون، آئين ۽ انصاف صرف ان وقت ياد پوي ٿو، جڏهن سندن ڪو انتهائي پنهنجو ڪنهن جڪڙ ۾ اچي ٿو، باقي سڄو سال جيڪو وهي واپري، ان سان پنهنجو تعلق ۽ ذميداري جوڙڻ لاءِ هو بلڪل به تيار نٿا هجن.
پيپلز پارٽيءَ جي نون سالن جي بدترين حڪمرانيءَ دوران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇا ڇا نه ٿيو ۽ وهيو واپريو آهي؟ ان ڳالهه جو خيال من مستيءَ ۾ مگن هن وڏيرا جماعت کي شايد اڃان تائين نه ٿي سگهيو آهي، ڇو ته هو انهن سمورن سالن دوران هڪ ڀيرو به سنڌ جي ڪنهن عام فرد لاءِ روئندي رڙندي نه ڏٺا ويا آهن. هو ڀلي آصف علي زرداريءَ جي رازدارن جي وڃائجڻ تي واويلا ڪن ۽ کنڀي کڻي ويلن کي قانون جون شقون ياد ڏيارين ۽ عام ماڻهو جي آئيني حقن تي روشني وجهن، پر اهو سڀ ڪرڻ کان اڳ صرف هڪ ڀيرو سچائي سان اهو ٻڌائين ته سنڌ جا چونڊيل حڪمران هجڻ جي حيثيت ۾ هنن ڪڏهن پنهنجي عام ووٽر جي حوالي سان ڪا اهڙي رڙ، ڪو اهڙو واڪو ڪنهن فورم تي ڪيو آهي يا اهڙو ڪو قدم کنيو آهي، جنهن سان اهو تاثر ملي سگهي ته هنن کي سنڌ جي حڪمرانن جي حيثيت ۾ سنڌ جي هر فرد جو اوترو ئي اونو ۽ سندس تڪليف جو احساس آهي؟
اصل حقيقت اها آهي ته سڄي سنڌ ڀينگ جي ور چڙهي ويئي آهي ۽ حڪمران ماڻهن سان صرف پنهنجن ذاتي مفادن جي حاصلات جي حوالي سان سلهاڙيل آهن. سوال اهو آهي ته سنڌ جي حڪمران جي حيثيت ۾ پيپلز پارٽي جي وڏيرن کي ڇا ان ڳالهه جي خبر آهي ته سندن حڪمرانيءَ جي انهن سمورن سالن دوران قبيلائي فسادن ۽ خانداني تڪرارن ۾ ڪيترا فرد پنهنجيون قيمتي جانيون وڃائي چڪا آهن؟ موجوده حڪمران سنڌ جي هر وقت حڪمرانيءَ جا دعويدار آهن، پر کين ان ڳالهه جو ڪو اندازو آهي ته روزانو جڙتو جرگائي فيصلن جي ڪري ڪيتريون معصوم نياڻيون سڱ چٽيءَ جي نذر ٿي وڃن ٿيون؟ اهڙي لاقانونيت واري صورتحال ۾ موجوده حڪمران قانون جي حڪمراني ۽ آئيني حقن لاءِ هو عام ماڻهو جي پسمنظر ۾ پنهنجي سڄي ساري دور دوران ڪيل ڪن به ڪاوشن تي ڪا روشني وجهي سگهن ٿا؟ کين پنهنجن گم ٿيل همراهن جا قانوني ۽ آئيني حق ته ازبر ياد هجن ٿا، ڇا کين ٻين غريب انسانن جي آئيني حقن جي به ڪا پرواه هجي ٿي؟ سڄي سنڌ جي مينڊيٽ جي دعويدار جماعت کي ڇا ان ڳالهه جي به ڪا خبر آهي ته سنڌ جي تباهه حال معاشي صورتحال سبب سنڌ ۾ ڪيترائي ماڻهو يا ته خودڪشيون ڪن پيا يا پنهنجا ٻار ۽ پنهنجون عصمتون پيا وڪڻن. ڇا سنڌ جي ”عظيم عوامي حڪمرانن“ کي ان ڳالهه جي ڪا سُڌ آهي ته ائين ڇو پيو ٿئي؟ روزانو سوين ماڻهو اسپتالن ۾ ضروري سهولتون نه هجڻ سبب زندگيون وڃائي ويهن ٿا. صوبي جون اٽڪل پنجانوي سيڪڙو اسپتالون جديد سهولتن کان وانجهيل آهن ۽ حڪمرانن وٽ ان حوالي سان نه ڪو منصوبو آهي ۽ نه ئي ڪا سوچ، بلڪه گذريل نون سالن جي دور سڀ کان وڌيڪ سوشل سيڪٽر کي ئي نقصان رسايو آهي، جو ان حوالي سان مبينا طور اربين روپيا اختيار ڌڻين جي کيسن ۾ ويندا رهيا آهن. تازو آيل واٽر ڪميشن جي رپورٽ ٻڌايو آهي ته سنڌ جا نوي سيڪڙو کان مٿي علائقا گٽر جو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن. سنڌ جو مينڊيٽ ٻهارڻ جي دعويدار جماعت عوام جي پيسن کي انهن سمورن سالن دوران جيتري بي درديءَ سان ٻهاريو آهي، ان جو به ماضيءَ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. اسڪولن ۽ تعليم جو حال به سڄيءَ سنڌ کي ساريو پيو آهي. هزارين اسڪولن جون عمارتون ڪونهن، استاد ڪونهن، ٻيون ضروري سهولتون اڻ لڀ آهن پر سنڌ جي موجوده وزير اعليٰ جو ايجوڪيشن ايمرجنسي تاحال فائيلن جو پيٽ ڀري رهي آهي.
سنڌ جي حڪمران جي حيثيت ۾ قانون جي عملداري، انصاف جي فراهمي، زندگيءَ جي سمورين سهولتن جي دستيابي سندن فرضن ۾ شامل آهن. ڇا هنن ڪڏهن پنهنجي ڪنهن بنيادي فرض کي هڪ منٽ لاءِ به نظر ۾ رکندي ڪي اهڙا قدم کنيا، جنهن سان واقعي به سنڌ اندر انهن ڪارين ڪاروواين کي ٻنجو ڏيئي سگهجي؟ قتل، اغوائون، ناانصافيون، خودڪشيون، ڪرپشن، ڪرائيم ۽ هزارين قسمن جون محروميون سنڌ ۽ سنڌ واسين جو مقدر بنجي چڪيون آهن، بلڪه سنڌ جي معاشري جي علامت بنجي چڪيون آهن. سوال آهي ته سنڌ جي عوام جي ووٽ جي دعويدار پيپلز پارٽي انهن سمورن مسئلن جي جوڳي حل جي حوالي سان ڪي قدم کنيا؟ جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب ”ها“ ۾ آهي ته پوءِ آصف علي زرداريءَ جي رازدارن جي غائب ٿيڻ تي سندن احتجاج جائز آهي. پر جي جيڪڏهن جواب ”نه“ ۾ آهي ته پوءِ صرف چند ماڻهن جي پسمنظر ۾ ايتري واويلا جو سڌو سنئون مطلب ته اهو آهي ته سنڌ جا موجوده حڪمران قانون، انصاف، آئين، جمهوريت ۽ حڪومت کي صرف پنهنجي ذاتي پسمنظر ۾ حقيقت سمجهن ٿا ۽ انهن سمورين شين جي عوام سان تعلق کي غير ضروري سمجهن ٿا.