پيپلز پارٽي ڪراچي جي ميئرشپ حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي وئي

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌ سماءَچار) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو، اليڪشن ڪميشن ڪراچي ڊويزن جا حتمي نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، ڪراچي جِي 235 يونين ڪميٽيز مان 93 تي پيپلزپارتي ڪامياب، جماعت اسلامي جو 86، پي ٽي آءِ 40 سيٽن تي ڪامياب، سرڪاري نتيجن ۾ نواز ليگ 7، جي يو آءِ 3 ۽ ٽي ايل پي ٻن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي، آزاد اميدوار ٽِن ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿي آهي.

صوبائي اليڪشن ڪميشن سنڌ پاران جاري ڪيل ڪراچي ڊويزن جي حتمي سرڪاري نتيجن ۾ پيپلزپارٽي پهرين، جماعت اسلامي ٻئي ۽ پي ٽي آءِ ٽئين نمبر تي ڪامياب ٿي آهي، ن ليگ، ٽي ايل پي، آزاد اميدوار 3۽ ايم ڪيو ايم حقيقي به هڪ سيٽ تي ڪاميابي هاصل ڪئي آهي. جماعت اسلامي مڪاني چونڊن جي نتيجن کي مڃڻ کان اڳ هنگامي اجلاس سڏائي ورتو آهي.

About

Check Also

گل پلازا سانحو؛ باهه اڃا نه وسامي، وڏي جاني نقصان خدشو وڌي ويو

 الله ڪري ائين نه هجي جيئن دڪانن تي ڪم ڪندڙ بچي ويل پورهيت ٻڌائين ٿا!!! …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *