پي ايس 56 جي اميدوار سنيتا پرمار پي ايس پي جي ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏي

مٺي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) مٺي ۾ ميگهواڙ برادري سان تعلق رکندڙ پي ايس 56 تي سنيتا پرمار عوامي رد عمل بعد پي ايس پي جي ٽڪيٽ واپس ڪري آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنيتا پرمار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٿر واسين ۽ تڪ جي ماڻهن جي ناراضگي سبب پي ايس پي جي ٽڪيٽ واپس ڪئي آهي. هن چيو پي ايس پي ۾ بنا ڪنهن لالچ جي شموليت ڪئي هئي، پر تڪ جي ماڻهن جي ناراضگي جي ڪري فيصلو واپس ورتو.سنيتا پرمار وڌيڪ چيو ته اسلام ڪوٽ جي پي ايس 56 تي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي ڪاميابي ماڻي عوام جي خدمت ڪندس.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *