ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان رتحريڪ انصاف جي چيئرمين پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ چيو آهي ته، ڪامياب ماڻهو،قومون ۽ ادارا پنهنجين ناڪامين مان به سبق حاصل ڪندا آهن. قومي اسيمبلي اين اي 154 لوڌران ۾ شڪست کان پوءِ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان ڪارڪن کي دلجاءِ ڏيندي چيو ته چيو ته شڪست کان پوءِ ٽويٽ ۾مايوس ڪارڪنن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هر شڪست پنهنجي غلطين جو تجزيو ڪرڻ جو موقعو ڏيندي آهي ۽ ان تي ضابطو آڻي ئي مضبوطي ايندي آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل انصاف لاءِ سياسي جدوجهد ۾ ڪڏهن مايوس ناهيون ٿيا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس پارٽي 2018ع وارين چونڊن ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي.
Tags Imran khan Twitt Lodhran election Twitt Imran khan
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …