ڪراچي (نيوز ڊيسڪ سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي پٺيان عالمي سازشون آهن، پي ٽي آءِ جي دوستن کي چوان ٿو ته باني کانسواءِ ملڪ ۾ ٻيا به مسئلا آهن، لاهور تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، دهشتگردي، امان امان ۽ قومي معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ اڻٽر آهي بڻجي وئي آهي، ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر پيپلزپارٽي ئي رهي آهي، اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين، سمورو پاڪستان متحد ٿئي جيئن دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهجي، پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو ٻيهر اجلاس سڏائڻ گهرجي.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …