لاهور/ اسلام آباد ( خاص نمائندا سنڌ سماچار) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي لاهور پوليس جي موجودگي ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ جي جج جي عدالت پاران توشاخانا ڪيس ۾ 3 سال قيد، 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ اسلام آباد ۽ لاهور پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس لاهور واري گهر زمان پارڪ مان گرفتار ڪري ورتو. پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو، جتي سندس طبي معائنو ڪرڻ بعد راهداري تحويل واري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري کيس ڪوٽ لکپت جيل کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنجاب پوليس جي مدد سان اسلام آباد پوليس گرفتار ڪيو، قانوني ڪارروائي بعد پي ٽي آءِ چيئرمين کي اسلام آباد پوليس پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيا جيل انڪري منتقل ڪيو ويندو ڇو ته سندس خلاف توشاخانا ڪيس اسلام آباد ۾ داخل ٿيل هو، جيڪو اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ هليو ۽ اتي ئي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، آهي، قانوني طور کيس اڊيالا جيل ۾ ئي رکڻو پوندو، پر جيڪڏهن حڪومت پاران امن امان يا سيڪيورٽي سميت ڪي به جواز ڄاڻائي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ئي رکي سگهجي ٿو.
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …