پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي نااهل ٿيڻ وارو معاملو ڪٿي پهتو..؟؟

sardar chandio sardar chandio2
سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو کي 3 مارچ تائين نااهل قرار نه ڏيڻ بابت اسٽي برقرار رکيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو کي اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تان نااهل قرار ڏيڻ بابت ممتاز چانڊيو جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
سردار چانڊيو جي وڪيل عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن پاران کيس نااهل قرار ڏيڻ واري حڪم خلاف اپيل ڪئي.
عدالت پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو کي 3 مارچ تائين نااهل نه قرار ڏيڻ بابت اسٽي جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ٻي طرف سردار چانڊيو بابت سنڌسماءَچار کي مليل ڄڻ موجب سردار چانڊيو عرب شهزادن کي قمبر سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به شڪار جون سموريون سهولتون مهيا ڪندو آهي، جنهن جي عيوض به مهانگيون گاڏيون تحفن جي نالي تي ڏنيون وينديون آهن، جيڪي هو پنهنجي خاص ماڻهن جي نالن تي ڪرائي پاڻ استعمال ڪندو آهي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *