لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ۾ پ پ اڳواڻ نثار کهڙو جي ڌيءِ ۽ پي ايس 11 تي اميدوار ندا کهڙو کي چونڊ مهم دوران ووٽرز روڪي کيس سخت پڇاڻو ڪيو آهي، ن کپي پ پ نه کپي جا نعرا هنيا ويا آهن. گجڻ پور واري علائقي جي ڪوثر مل پاڙي ۾ چونڊ مهم دوران ووٽرز پ پ اميدوار ندا کهڙو کان سخت پچاڻو ڪندي چيو ته پ پ 10سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود عليئقي ۾ ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا.هنن چيو ته توهان جو والد اقتدار ۾ رهڻ باوجود نه ئي ترقياتي ڪم ڪرايا نه ئي ڪڏهن اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ آيو. احتجاج نه کپي پ پ نه کپي جا نعرا هڻندي ندا کهڙو جي اڳيان داهيندا رهيا. ووٽرز جي سوالن پڇڻ کانپوءِ بنا ڪو جواب ڏيندي پ پ اميدوار ندا کهڙو واپس رواني ٿي وئي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …