Wednesday , April 2 2025

پ پ پ سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي ٻيو نمبر پارٽي بڻجي وئي

ڪراچي(چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي پهريون ۽ تحريڪ انصاف ٻيون نمبر وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي، پ پ کي  97 ، پي ٽي آءِ 30 ۽ ايم ڪيو ايم 21 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن مان پيپلزپارٽي کي 22 ، ايم ڪيو ايم کي 5،  پي ٽي آءِ کي 7 ، جي ڊي اي کي 3 ۽ تحريڪ لبيڪ  کي هڪ  سيٽ ملي آهي. صوبائي اسيمبلي ۾ هاڻي پيپلزپارٽي جون سيٽون  97  ٿي ويون، پي ٽي آءِ جون 30، ايم ڪيو ايم جون سيٽون 21  ٿي ويون آهن. ٻئي طرف بلاول پ پ چيئرمين ڀٽو زرداري مراد علي شاهه کي ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير، آغا سراج دراني کي اسپيڪر ۽ ريحانا لغاري کي ڊپٽي اسپيڪر نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *