ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس بند پيل آهن، سنڌ ۾ ننڍن ڊيمن جو منصوبو به اسان شروع ڪيو هو: ارباب رحيم
ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته، پيپلز پارٽي وارا ٿر ۾ جن آر او پلانٽس جي ڳالهه ڪري رهيا آهن اُهي سمورا بند پيل آهن. جي ڊي اي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته، ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي، روڊن جو ڄار ۽ سنڌ ۾ ننڍن ڊيمز جو منصوبو منهنجي وڏ وزارت وارن ڏينهن ۾ شروع ٿيو. پيپلز پارٽي ٿر سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ منهنجي شروع ڪيل منصوبن تي پنهنجي نالن جون تختيون هڻي رهيا آهن. هن چيو ته ٿر ۾ جن آر او پلاٽنس جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو انهن جو منصوبو به اسان جي حڪومت دوران شروع ٿيو هو. سنڌ ۾ ننڍا ڊيمز قائم ڪرڻ جو منصبو مون شروع ڪيو هو ان وقت پيپلز پارٽي وارا انهن جي سخت مخالفت ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي ان جو ڪريڊٽ کڻي رهيا آهن.