ڀارتي پارليامينٽ ۾ ميمبرز کي سنڌي ۾ تقرير ڪرڻ جي اجازت ملي وئي
Asghar Azad
July 21, 2018
پاڪستان
1,452 Views
ممبئي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي پارليامينٽ راجيا سڀا ۾ سنڌي سميت پنجن زبانن کي پارلياماني زبان طور استعمال ڪرڻ ۽ ميمبرن کي مادري زبان ۾ بحث ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڀارتي نائب صدر ۽ راجيا سڀا جي چيئرمين ايم وينڪيا نائڊو اعلان ڪندي چيو ته پارليامينٽ ۾ پهريان ئي 17 زبانن جي انٽرپريٽيشن سروس موجود هئي،هاڻ سنڌي ،ڊوگري،ڪشميري، ڪونڪني ۽ سنٿالي کي پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. هن چيو ته انٽرپريٽرز جي مدد سان سمورا ميمبر سنڌي سمجهي سگهندا، جڏهن ته سنڌي ميمبرن کي پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت هوندي. راجيا سڀا جي چيئرمين جي سنڌي کي پارلياماني زبان تسليم ڪرڻ تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سرهائي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڀاشا ۽ ڀاونا هڪ ئي ڳالهه آهي. چيئرمين چيو ته کيس يقين آهي ته سمورن ميمبرن کي پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهه چوڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ هو پنهنجو آفاقي ٻولي جو حق استعمال ڪري سگهن ٿا.