Saturday , December 21 2024

ڀارت پاران ملڪيتون وڪڻڻ جو فيصلو

نئين دهلي(سنڌسماءَچار   مانيذٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته، ورهاڱي وقت پاڪستان لڏي ويل ماڻهن جون سموريون ملڪيتون وڪرو ڪري آمدني ڀارتي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي. ورهاڱي وقت موجده ڀارت مان چين ۽ پاڪستان لڏي ويل ماڻهن جي موجود ملڪيتن جي ماليت هڪ ڪاٿي مطابق گهٽ ۾ گهٽ 55 ارب پاڪستاني رپين کان به وڌيڪ ٿيندي. ڀارتي سرڪار پاڪستان ۽ چين لڏي ويل ماڻهن جي ملڪيتن کي ”اينيميز پراپرٽيز يعني دشمنن جون ملڪيتون“ قرار ڏئي حڪومتي تحويل ورتو ويو هو. ڀارت پاڪستان ۽ چين سان جنگيون به ڪري چڪو آهي. نريندر مودي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اينمي پراپرٽي ايڪٽ 1968 تحت انهن ملڪيتن جي واپس ساڳين مالڪن جي حوالي ٿيڻ کي ايترا قانوني ضابطا لڳايا ويا جو ملڪيتون اصل مالڪن جيڪي واپس ڀارت لڏي پهتا هئا انهن کي ملڻ ڏکيو بڻايو ويو، جهڙو ڪر اهو ناممڪن بڻجي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد

ڪنهن کي به خبر نه هئي ته 20سال اڳ پسند / عدالتي پرڻو ڪندڙ ڏهرڪي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *