Sunday , February 23 2025

……چانڊڪا اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڊپارٽمينٽ جو سان خراب، صحت کاتو ننڊ ۾

CMC2

مٿيون ڏيک چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو جو آهي

 لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ چانڊڪا اسپتال جي پوسٽ مارٽم واري شعبي تي ڇاپو هڻي شاگردن جي سکيا لاءِ ٺهيل ڪمرن جو معائنو ڪيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪاشف ٽيپو سان گڏ چانڊڪا اسپتال جي پوسٽ مارٽم واري شعبي تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران پوسٽ مارٽم وارن ڪمرن کي تالا لڳل هئا، جڏهن ته سمورو سامان پڻ ناڪاره بڻيل هو. سيشن جج ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر کي سخت ڇنڊ پٽي ۽ کيس ڪمرا کولي رکڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي سيشن جج ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪاليج جي پرنسپال ۽ اسپتال جي ايم ايس کي پڻ طلب ڪري ڪمرا بند هجڻ بابت پڇاڻو ڪيو.

CMC2

چانڊڪا اسپتال جي پوسٽ مارٽم  سيڪشن  جو ڏيک

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *