چڪرا ڳوٺ ۾ وحشي پيءُ نوجوان ڌيءُ کي ڇري جا وار ڪري ماري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) ڪراچي جي علائقي چڪرا ڳوٺ ۾ ظالم پيءَ  ڇرين جا وار ڪري پنهنجي نياڻي کي قتل ڪري ڀڄي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻه سال اڳ جوابدار نياڻي جي والدهه کي به شڪارپور ۾ قتل ڪيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ظالم پيءَ 18 سالن جي نياڻي ثمرين کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو،واردات کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جمعي جي نماز وقت ثمرين گهر ۾ اڪيلي هئي ته سندس پيءَ مٿس حملو ڪري ڏنو.پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدار 2 سال اڳ شڪارپور ۾ پنهنجي گهرواريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هو.پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *