ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زاهد ميمڻ ڪرونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) ڊپٽي ڪمشنر ميرپور خاص زاهد ميمڻ ڪرونا جي وبا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز اڄ ميرپورخاص جي تبليغي مرڪز ۾ ادا ڪئي ويندي. ڊي سي ميرپورخاص زاهد ميمڻ جي طبيعت خراب ٿيڻ تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي کيس ڪرونا جي تصديق ٿي هئي، اسپتال ۾ داخل هئڻ دوران سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي، جنهن بعد کيس وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو، جتي 30سيپٽمبر تي رات جو دير سان هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. وارثن ۽ ڊي سي آفيس ميرپورخاص جي ترجمان موجب زاهد ميمڻ جي جنازي نماز پهرين آڪٽوبر خميس ڏينهن تبليغي مرڪز ميرپور خاص ۾ ادا ڪئي وين دي، جنهن بعد سندس مڙهه جي تدفين ڪئي ويندي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *