راولپنڊي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان ۾ سرحد پار دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، پاڪستاني چوڪي تي حملو ڪندڙ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ سرحد پار کان سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر دهشتگردن خلاف جوابي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا. سرحد پار کان دهشتگردن پاران حملا ڪرڻ معمول بڻيل آي، جنهن خلاف سيڪيورٽي فورسز پاران منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو آهي.
Check Also
“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …