Wednesday , April 2 2025
Breaking News

کپرو: ڳوٺ بچو ڀيل ۾ تعويذ ڪندڙ ٺڳ سون جي ديڳ هٿ ڪري ڏيڻ بهاني ڏوڪڙ ڪڍي ويو

ڍليار جي ڳوٺ بچو ڀيل فقير ھارين کي سون جي ديڳ ڪڍي ڏيڻ جي بھاني سونا ڳهه ڳٺا ۽ مال وڪڻائي 2 لک 20 ھزار ڦري ويو متاثرن وسندڙ مينهن ۾ ھٿن ۾ ڪارڊ کڻي شھيد چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته،  فقير مير محمد چيو تہ اوھان جي گھرن ۾ سون جي ديڳ پوريل آھي پاتل ۽ گھرن ۾ رکيل زيور وڪڻي مونکي پيئسا ڏيو.

هنن ٻڌايو ته تعويذ ڪندڙ مير محمد اسان جي گھر ۾ سون جي ديڳ ھجن چئي ڪڍي ڏيڻ جا 2 لک 20 ھزار وٺي فرار ٿي ويو فراڊ ڪندڙ مير محمد کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نَهَن کي نَوَ ڪوٽ، “ ڪئنال نه پيا ٺهن”: وڏو وزير مراد علي شاهه

نَهَن کي نَوَ ڪوٽ، “ ڪئنال نه پيا ٺهن”، صدر آصف زرداري جي گرين پاڪستان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *