Monday , April 21 2025

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن الاٽمينٽ رد ڪيو: زين شاهه

 هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه ٿا چاهيون، نه ئي ڏسي سگهنداسين، سنڌ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، ڪئنالن هجن يا ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي والار اها هرگز هرگز قبول ناهي.

راڻيپور(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سيد زين شاهه ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ الاٽ ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ فوري طور رد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو ڪريڊٽ ڪير ٿو کڻي ان سان اسان جو ڪجهه نه وڃي اسان جو مطالبو آهي ته ڪئنالن وارو منصوبو فوري طور رد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي. راڻيپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس يو پي جي صدر ۽ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو ته، ڪنالن کي رد ڪرڻ جو ڪريڊٽ ڪير ٿو کڻي ان سان سنڌ جي ماڻهن جو ڪو به واسطو ناهي، سنڌ جو مطالبو آهي ته سنڌو درياءَ مان نوان ڪنال ڪڍڻ وارو منصوبو فوري طور رد ڪيو وڃي، اسان کي منصوبي جي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن کپي. زين شاهه چيو ته ڪئنال کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري نوٽيفڪيشن ن ليگ  جاري ڪري ٿي يا پيپلزپارٽي اهو هنن جو مسئلو آهي. سيد زين شاهه چيو ته ڪئنالن سان گڏ اسان جو پهرين ڏينهن کان چٽو ۽ واضح مطالبو رهيو آهي ته، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ الاٽ ڪيل زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي اهو ڪنهن ب ه صوورت ۾ قبول ناهي، ڪئنالن واري منصوبي سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينن جي الاٽمينٽ فوري طور رد ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان  پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه ٿا چاهيون، نه ئي ڏسي سگهنداسين، سنڌ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، ڪئنالن هجن يا ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي والار اها هرگز هرگز قبول ناهي.

سنڌو شينهن شير درياءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي: ذوالفقار ڀٽو جونيئر

About admin

Check Also

بندوق جي زور ۽ ترقي جي نالي تي ڪئنال ۽ زمينن تي والار قبول ناهي: زين شاهه

ڪارپوريٽ ڪلچر کي فائدو پهچائڻ لاءِ سنڌ جي زمينن کي داءُ تي لڳايو ويو آهي، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *