ڪراچي( اصغر آزاد سنڌ سماءَ چار) ناليوارو پاڻي ماهر ۽ اڳوڻو سينيٽر قاضي عبدالمجيد دل جي عارضي سبب ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.هن جو ڳاڻيٽو سنڌ جي انهن ماهرن ۾ ٿئي ٿو،جن سڀ کان اڳ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي فني بنيادن تي رد ڪيو هو. ڪالاباغ ڊيم جي خلاف زوردار آواز ۽ سنڌ ڄائو قاضي عبدالمجيد جناح اسپتال جي ڪارڊيو وارڊ ۾ 87 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. عبدالمجيد قاضي 1931 ۾ نصر پور ۾ جنم ورتو.هو پيشي جي لحاظ کان انجنيئر هو. قاضي عبدالمجيد سينيٽ جو اڳوڻو ميمبر هو،پاڻ سينيٽ جي ڪيترين ئي ڪميٽين جو چيئرمين رهيو.پاڻ سئي گيس جو مينيجنگ ڊائريڪٽر رهيا. عبدالمجيد قاضي ڪوسٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي جو به چيئرمين رهيو هو. قاضي عبدالمجيد جو ڳاڻيٽو انهن پاڻي ماهرن ۾ ٿئي ٿو، جن سڀ کان اڳ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي رد ڪيو هو. هو پاڻي بابت سمورن فورمن تي سنڌ جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهندو رهيو.
Tags Ex Senator Qazi ABdul Majeed Qazi Abdul Majeed Water issues expert Qazi Abdul Majeed Passed away
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …