ڪتي جي چڪ واري ويڪسين نه ڪرايو: ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو
Asghar Azad
September 25, 2018
سنڌ
1,355 Views
ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو چيو آهي ته، ڪتي جي چڪ واريون ويڪسين وڏي تعداد ۾ صحت کاتي وٽ آهن، پر هر ڪتي جي چڪڻ تي ويڪسين نه لڳائڻ گهرجي، جن هن سان بچت ٿيندي. ايم بي بي ايس ڊاڪٽرياڻي ۽ صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي صحت کاتي جي وزير چيو ته، هر ڪتو ڇتو ناهي هوندو، اڪثر ڪتا پنهنجي دفاع ۾ ڏاڙهيندا آهن. ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو صلاح ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪتو چڪ هڻي وڃي ته ويڪسين ڪرائڻ بدران ان ڪتي جي مرڻ جو انتظار ڪيو وڃي. صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو نئين منطق پيش ڪندي چيو ته ڪتو ڏاڙهي ته ان کي پڪڙي وٺو، ڇو ته هر ڪتو ڇِتو ناهي هوندو، اڪثر ڪتا پنهنجي بچاءَ ۾ ڏاڙهيندا آهن. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته هر ڪتي جي کاڌل کي ويڪسين نه لڳرائڻ گهرجي، ڪتن جي ڏاڙهڻ واري ويڪسين اسان وٽ وڏي انگ ۾ موجود آهي پر مهانگي هئڻ جي ڪري ان کي سوچي سمجهي استعمال ڪرڻ گهرجي. صحت واري صوبائي وزير ڪانگو وائرس جي وڌندڙ ڪيسن جي خاتمي لاءِ اسپري ۽ خاتمي جي هدايت به ڏني.