Thursday , April 3 2025

ڪراچيءَ ۾ ” نامعلوم ماڻهو “ ماڻهو سرگرم، ڪيترائي علائقا بند ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي( ڪرائيم رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاران مڪاني نظام جي نئين قانون خلاف سي ايم آفيس آڏو ڌرڻي ۽ ان تي پوليس جي لٺبازي، چڪرين دوران گرفتار ڪيل ايم ڪيو جي ڪارڪنن کي پوليس  ڇڏي ڏنو. ايم ڪيو ايم جي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي ۽ لٺبازي کانپوءِ  ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

ايم ڪيو ايم جي احتجاج ختم ٿيڻ کان فوري پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ ” نامعلوم ماڻهو “ نڪري آيا، جن ڳتيل آبادين وارن علائقن ۾ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا. هيلمٽ نامعلوم ماڻهو موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي برنس روڊ، لائينز ايريا، گلشن اقبال، گلستان جوهر، نارٿ ناظم آباد ۽ ڪورنگي سميت مختلف علائقن ۾ بازاريون بند ڪرائي ڇڏيون. ڪورنگي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه شهرين  نامعلوم ماڻهن کي ڀڄائي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *