ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار ) سنڌ ۾ سانوڻي جي برسات،ڪراچي،ٺٽو، ننگر پارڪر سميت مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو، ڪراچي۾ برسات دوران مختلف واقعن۾ 6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، رستن تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي. ڪراچي جي صدر، ڊفينس، ڪلفٽن، ملير، گلستان جوهر، گلشن اقبال، کارادر، ھاڪس بي، سميت برسات دوران ۽ ان کان پوءِ بجلي غائب ٿي وئي. شھر جي مختلف علائقن۾ حادثن دوران عورت ۽ ٻارڙي سميت 6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي ئي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب لياقت آباد ۽ اورنگي ٽائون جي علائقن ۾ گهر اندر ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت ۽ ٻارڙو فوت ٿي ويو. ابراهيم حيدري ۾ ڇت ڪرڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ملير جي شمسي سوسائٽي ۾ ڀت ڪرڻ سبب معصوم دٻجي فوت ٿي ويو.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …