ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽمز جي ڪارروائي، ڪروڙين رپين جي هيروئن هٿ

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪسٽم عملي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي،عملدارن جوابدار کي گرفتار ڪري ڪروڙين رپين جي منشيات هٿ ڪري ورتي.ڪسٽم عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن سعودي عرب منشيات کڻي ويندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.منشيات فروش هڪ خانگي ايئر لائينز جي ذريعي ٻه ڪلوگرام منشيات کڻي وڃي رهيو هو.جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ منشيات جي ماليت ٻه ڪروڙ چاليهه لک رپيا آهي.ڪسٽم عملدارن ٻڌايو ته جوابدار پنهنجو نالو امتياز ظاهر ڪيو آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *