ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران ڪراچي جي ترقياتي ڪمن بابت جوڙيل ڪميٽي اختلافن جي ورچڙهڻ کانپوءِ هڪ نئين ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي ۾ وفاقي ادارن جا سربراهه به شامل، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ قائم پرووينشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن وچ ۾ اختلافن کانپوءِ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ سنڌ جي چوڻ تي نئين ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ جوڙيل 9 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ۾ ڪراچي شهر ۾ موجود سمورن ڪينٽونمينٽ بورڊز جا سِي اِي اوز، وفاقي وزرتن (جن جون هيڊ آفيسز ڪراچي ۾ آهن) جا نمائندا به ڪميٽي ۾ شامل هوندا…..(ڊولپنگ اسٽوري)
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …