ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ ۾ سلينڊر ڌماڪو، 3 گهر ڀاتي فوت،2 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورتر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ جي هڪ گهر اندر اوڍتو گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاڦي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 گهر ڀاتي فوت ۽ 2 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا. گهر اندر گئس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهر ڌياڻي اسماءَ ۽ 12 ورهين جو نينگر حسنين ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ڌماڪي سبب ٻارڙن سميت 3 ڄڻا زخمي به ٿي پيا، اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسين پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور ۾ قيامت صغرا، ٻي شادي جي شڪ تان عورت گهر ئي اجاڙي ڇڏيو

خيرپور ۾ قيامت صغرا، ٻي شادي جي شڪ تان عورت گهر ئي اجاڙي ڇڏيو، خيرپور …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *