اسلام آباد (خصوصي نمائندو سنڌ سماچار) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، ڪراچي جي سمورن مسئلن جو بنياد ٽي مک مسئلا آهن جن کي وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنديون، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ نالن جي صفائي سان گڏ غيرقانوني قبضن کي مڪمل طور هٽائڻ وارو ڪم شروع ڪري رهيا آهيون،ڪچري ۽ نيڪال جي مسئلن کي به مستقل بُنيادن تي حل ڪيو ويندو، ڪراچي جي شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي وارو مسئلو به حل ڪيو ويندو، ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت وزيراعظم کي ڪراچي ۾ هڪ هفتي تائين ترسڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي کي سدائين سياسي بيانبازي ۽ الزامن جي نذر ڪيو ويو، شهر جا مسئلا حل ڪرڻ بدران اختيارن ۽ اقتدار جي واويلا ڪئي وئي، ڪراچي ۾ اختيار گهرڻ جو مطلب رڳو پئسو ڪمائڻ آهي، هر سال ڪراچي برسات ٻڏي وڃي ته فوج کان مدد طلب ڪئي ويندي آهي، وزيراعظم کي تجويز آهي ته پاڻ هڪ هفتي تائين ڪراچي ۾ رهي ۽ صورتحال جو جائزو وٺي مسئلا حل ڪري.
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …