ڪراچي: پنجاب ۾ بهتر حڪمراني جي دعوائن جي پت وائکي ٿي وئي آهي، ريلوي ڦاٽڪ لڳائڻ صوبن نه پر وفاق جي ذميواري آهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي: صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پنجاب ۾ بهتر حڪمراني جون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿي ويون، ريلوي ڦاٽڪ لڳائڻ صوبن نه پر وفاق جي ذميواري آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته، وفاقي وزير پنهنجي نااهلي تسليم ڪرڻ بدران پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت تي ملبو ڪيرائي رهيا آهن. هن چيو ته گوجرا ٽرين حادثو ريلوي واري وزير جي نااهلي جو واضح ثبوت آهي، خواجه سعد رفيق جي ڪوتاهين سبب انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. مولا بخش چانڊيو چيو ته، پنجاب ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ ينگ ڊاڪٽرز کي جائز حق ڏيڻ بدران مٿن تشدد ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *