ڪراچي ۾ ڪوئيٽا واسي 5 معصوم ٻارڙاحياتيون وڃائي ويٺا
Asghar Azad
February 22, 2019
Uncategorized, سنڌ
1,107 Views

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ هڪ هوٽل تي مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 5 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا آهن. ڪراچي جي صدر ۾ هڪ مشهور هوٽل تان مبينا طور زهريلي ماني کائيندڙ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. ايس پي گلش جو چوڻ آهي ته، فوتي ٻارڙن ۾ ڏيڍ سال جو عبدلعلي، 4 سالن جو عزيز فيصل، 6 سالن جي عاليه، 7 سالن جو توحيد ۽ 9 سالن جي صلويٰ شامل آهن. فوتي ٻارڙن جي امڙ جو هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. پوليس فوتي ٻارڙن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.