Saturday , February 22 2025

ڪرونا وائرس جي ڦهلجڻ کان بچڻ لاءِ سنڌ جون سموريون درگاهون بند

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل، قلندر لال شهباز، عبدالله شاهه غازي سميت سموريون درگاهون بند

ڪراچي / هالا/ سيوهڻ/گمبٽ ( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ سخت فيصلا ڪندي سموريون درگاهون اڻڄاتل مدي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڇنڇر جي شام کان قلندر لال شهباز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، عبدالله شاهه غازي سميت سمورين درگاهن کي بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس سبب تعليمي ادارا، شادي هالز بند ڪرڻ ۽ عوامي ميڙاڪا ڪرڻ تي پابندي کانپوءِ وڏو فيصلو ڪندي سنڌ جون سموريون درگاهون بند ڪيو ويون آهن. ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز، درازا شريف ۾ سچل سرمست، بيدل فقير، سخي ڄام ڏاتار، شاهه ڪريم بلڙي وارو، عبدالله شاهه اصحابي مڪلي جون درگاهون بند ڪيو ويون آهن، جڏهن ته ٻين درگاهن کي به بند ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *