پاڪستان ڪسٽمز انٽيليجنس مائي ڪولاچي روڊ تي پنجاب ويندڙ ڪنٽينر تي ڇاپو هڻي اسمگل ڪيل 15 هزار موبائل فونز، ايل اي ڊي ٽيليوزنز ۽ گاڏيون هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪنٽينر سيالڪوٽ وڃي رهيو هو. ڪسٽم انٽيليجينس جي تيم ڪراچي جي مائي ڪولائي روڊ تي هڪ ڪنٽينر ٽرالي تي ڇاپو هڻي ڪروڙين رپين جي ماليت جا موبائل فونز، گاڏيون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو. پاڪستان ڪسٽمز ڪراچي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڪسٽمز انٽيليجينس ڪارروائي ڪري اسمگل ڪيل 15 هزار قيمتي موبائل فونز، 4 قيمتي گاڏيون، ايل اي ڊي ٽيليوزن ۽ ٻيو ساما هٿ ڪيو آهي. ڪسٽم انٽيليجينس ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن جنيد ۽ عدنان کي به گرفتار ڪري ورتو آهي .ابتدائي جاچ موجب ڪنٽينر پنجاب جي شهر سيالڪوٽ نيو پي ويو، جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …