ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ ۾ 5 ورهين جي نياڻي کي پوليو جو مرض هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، ٻارڙي کي پوليو جو شڪ هجڻ ڪري سندس جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا آهن، انهن جي رپورٽ اچڻ بعد ئي حتمي طور تي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. ڪنڌڪوٽ شهر جي گلشير پاڙي واسي پورهيت علي اڪبر چولياڻي جي 5 ورهين جي نياڻي الهه بچائي چولياڻي کي پوليو هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. نياڻي جي والد علي اڪبر چولياڻي جو چوڻ آهي ته، سندس نياڻي گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وئي هئي، جنهن جو مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو. هن چيو ته ڊاڪٽرن پوليو جو شڪ ڏيکاريند سول اسپتال موڪليو. سندس چوڻ هو ته، سول اسپتال جي ڊاڪٽرن به پوليو جو شڪ ظاهر ڪندي رت جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا آهن. سول اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته الهه بچائي جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي حتمي طور ڪجهه چئي سگهجي ٿو ته کيس پوليو آهي يا نه. ڊاڪٽرن موجب شڪ آهي ته نياڻي کي پوليو آهي.
Tags ڪنڌڪوٽ واسي 5 ورهين جي نياڻي پوليو هجڻ جو شڪ ڪنڏڪوٽ:ڪنڌڪوٽ واسي 5 ورهين جي نياڻي پوليو هجڻ جو شڪ
Check Also
باڊهه ۾ بي رحم پٽ جو 500 رپيا نه ڏيڻ تي ٻڍڙي امڙ ۽ نابين ڀاءُ تي تشدد
لاڙڪاڻو(رپورٽر سنڌسماءَچار) باڊهه ويجهو پٿر دل پٽ 500 رپيا خرچي نه ڏيڻ تي ٻڍڙي ماءُ …