Thursday , April 3 2025

ڪي اليڪٽرڪ جون ڪراچي واسين تي بجلي ڪيرائڻ جو تياريون

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين مٿان بجلي بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري  ورتون آهن، ڪي اليڪٽر نيپرا کي بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ بجلي مهيا ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي بجلي 3 رپيا 24 پئسا في يونٽ مهانگو ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، ڪي اليڪٽرڪ درخوات ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نومبر 2020 کان فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مَد ۾ بجلي جي في اگهه ۾ 3 رپيا 2 پئسا واڌ ڪئي وڃي. نيپرا وفاقي سرڪار جي منظوري  کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ کي فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ ڪراچي شهر جي رهواسين لاءِ بجلي مهانگي ڪري گذريل چئن مهينن جي اوڳاڙي ڪندي جنهن سان بجلي استعمال ڪندڙن تي 6 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار پوندوو.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *