Wednesday , January 22 2025

ڪي پِي جَي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت احتجاج ڪيس  ۾ خيبرپختونخاو جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، 8 جولاءِ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم، عدالت اڳوڻي وزيراعظم جي نااهلي خلاف احتجاج ڪرڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين ۽ ٻين خلاف داخل ٻن ڌار ڌار ڪيسن ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين تي عدم پيشي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڪيسن ۾ نامزد ملزم علي نواز اعواڻ، واثق قيوم، عامر ڪياني ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي چيئرمين وڊيو لنڪ پيشي بابت سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو ويو. ٻڌڻي جي موقعي تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل طرفان حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي وئي، علي امين گنڊاپور درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هُو شهر کان ٻاهر آهيان انڪري عدالتگ ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهان، اڄوڪي ٻڌڻي لاءِ عدالت ۾ پيشي کان آجو قرار ڏنو وڃي. درخواست تي جج چيو ته اهو ڪو طريقو ناهي ته شهر ۾  ناهيان ۽ عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهان، جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته کيس ڀاڳيلو ملزم به قرار ڏئي سگهجي  درخواست تي جج چيو ته اهو ڪو طريقو ناهي ته شهر ۾  ناهيان ۽ عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهان، جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته کيس ڀاڳيلو ملزم به قرار ڏئي سگهجي ٿو.

About admin

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *