ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) ”مون سمجهيو هو سُڌري ويندو پر، ڪُتي جو پڇ ڪيترو به چاهيو سِڌو نه ٿيندو“، اهو چوڻ آهي سنڌ جي وڳڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو جو. هي جڏهن سال جي پهرين ڏينهن صبح جو سنڌ سيڪريٽريٽ جي دوري تي پهتو ته دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. مراد علي شاهه سندس نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري وفاقي ڪاب ينا جي فيصلي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته، اي سي ايل مان منهنجو نالو ڪڍڻ لاءِ وفاقي سرڪار ڇا ٿي ڪري، اها خبر نه آهي، پر هن وقت وفاقي سرڪار ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ بدران ٻين ڪمن ۾ لڳي وئي آهي. سنڌ اندر تبديلي جا خواب ڏسندڙ ٻڌائين ته صوبائي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ هددي حساب سان سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيتري آهي، پي ٽي آءِ جا قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پارٽي قيادت جي غلط پاليسين سبب ناراض آهن، پي ٽي آءِ پنهنجا ميمبرز سنڀالي. مون سمجهيو هي سُڌري ويندا، پر ڪُتي جي پُڇ واري ڳالهه ته اهو ڪڏهن به سڌو نه ٿيندو.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …