گجرات ۾ عمران خان تي جوتو اڇلائڻ جي ڪوشش، جوتو لڳو عليم خان کي

گجرات( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پاڪستان ۾ جوتا ڪلب جي هڪ ميمبر ۾ واڌ ٿي وئي آهي، گجرات ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي دوران هڪ شخص عمران خان تي جوتو اڇلايو، جيڪو عمران خان کي لڳڻ بدران پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان کي لڳو. جوتو اڇلائيندڙ همراهه جلسي مان کسڪي ويو. نوازشريف تي جوتو اڇلائڻ واري واقعي کانپوءِ گجرات ۾ جلسي دوران عمران خان تي به جوتو اڇلايو ويو، جيڪو عمران خان جي ڀرسان بيٺل پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جي سيني ۾ لڳو، جوتو هڻندڙ شخص جلسي مان فرار ٿي ويو. گجرات ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي عمران خان خطاب ڪري رهيو هو ته هڪ شخص عمران خان ڏانهن جوتو اڇلايو. جوتو اسٽيج تي عمران خان جي ڀرسان بيٺل پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جي سيني ۾ لڳو، جنهن بعد جلسي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته جوتو اڇلائيندڙ شخص جلسي مان فرار ٿي ويو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۾ جامعه نعيميه ۾ تقريب دوران اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف تي پڻ هڪ شخص جوتو اڇلايو هو.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *