گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪندڙ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت، گرين پاڪستان پروگرام جي اختيارين کي زمينن جي الاٽمينٽ کان پوءِ زمينن جا قبضا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا، 7 ضلعن ۾ هن وقت تائين الاٽ ڪيل ساڍا ٻاونجهاهه هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جو قبضو ڪمپني جو قبضو حوالي ڪرڻ وارو عمل تيز
ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪندڙ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت، گرين پاڪستان پروگرام جي اختيارين کي زمينن جي الاٽمينٽ کان پوءِ زمينن جا قبضا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا، 7 ضلعن ۾ هن وقت تائين الاٽ ڪيل ساڍا ٻاونجهاهه هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جو قبضو ڪمپني جو قبضو حوالي ڪرڻ وارو عمل تيز. سنڌ بورڊ آف روينيو جي اختيارين کان مليل ڄاڻ مطابق گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ خيرپور، دادو، ٿرپارڪر، ٺٽو ۽ بدين سميت سنڌ جي ستن ضلعن ۾ الاٽ ڪيل 52 هزار713 ايڪڙ زمين گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي جي اختيارين حوالي ٿي چڪي آهي. ڪمپني جون اختياريون پنهنجي ماهر ٽيمن سان گڏ زمينن جا قبضا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي لاڳاپيل ض:عن جي دورن تي نڪتل آهن، جن کي ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ظاهري ۽ ڳجهي نموني سيڪيورٽي مهايا ڪري رهيا آهن. ڪمپني جي نمائندن کي سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ لاڳاپيل ضلعن جي بااثر ماڻهن، قبيلائي سردارن، پيپلزپارٽي جي چونڊيل عوامي نمائندن معرفت به مڪمل سهڪار مهيا ڪيو پيو وڃي.
گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام لاء خيرپور ۾ 28هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 10 هزار ايڪڙ، دادو ۾ گورک هل اسٽيشن سميت مختلف علائقن ۾ 9 هزار 305 ايڪڙ، سجاول ضلعي ۾ 3 هزار 408 ايڪڙزمين الاٽ ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ به ابتدائي طور تي هڪ – هڪ هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ مطابق زمين جو قبضو وٺڻ سان گڏ گرين پاڪستان پروگرام جي ٽيم سان گڏ لينڊ سروي، زرعي ماهرن، ماحولياتي ماهرن، علائقائي آبهوا جي مناسبت سان زرعي فصلن ۽ آبپاشي نظام جا ماهر پڻ گڏ موجود آهن. سنڌ حڪومت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ٻئي مرحلي ۾ ڪچي جي زمين به منصوبي لاءِ الٽ ڪئي ويندي.
سنڌسماءَچار جي رڪارڊ مان لاڳاپيل خبرون
پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ سيڙپ لاءِ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ معاهدن جون تياريون مڪمل
وڏي وزير مراد علي شاهه کي گرين پاڪستان انيشيٽو سميت اهم منصوبن تي عمل جي هدايت