گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال

ڪراچي( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي ۽ گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي وارثن  پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان ٽن ڏينهن واري بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ وارو عمل غيرقانوني آهي. هنن چيو ته ملڪي آئين جي آرٽيڪل 10 تحت شهرين کي انصاف فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. اڳواڻن چيو ته گم ڪيل ماڻهن تي جيڪڏهن ڪيس آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گم ٿيل سياسي سماجي ۽ قومپرست ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن مٿن ڪي ڪيس ڪيس آهن ته کين فيئر ٽرائيل جو موقعو ڏيڻ گهرجي.

هيءَ خبر به پڙهي سگهو ٿا

https://sindhsamaachar.com/2018/06/02/%D8%B2%D9%85%D9%8A%D9%86%D9%86-%D8%AC%D9%8A-%D8%BA%D9%8A%D8%B1-%D9%82%D8%A7%D9%86%D9%88%D9%86%D9%8A-%D8%A7%D9%84%D8%A7%D9%BD%D9%85%D9%8A%D9%86%D9%BD%D8%8C-%D8%A7%DA%B3%D9%88%DA%BB%D9%8A-%DA%86%D9%8A/

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *