Thursday , April 3 2025

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال

ڪراچي( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي ۽ گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي وارثن  پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان ٽن ڏينهن واري بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ وارو عمل غيرقانوني آهي. هنن چيو ته ملڪي آئين جي آرٽيڪل 10 تحت شهرين کي انصاف فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. اڳواڻن چيو ته گم ڪيل ماڻهن تي جيڪڏهن ڪيس آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گم ٿيل سياسي سماجي ۽ قومپرست ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن مٿن ڪي ڪيس ڪيس آهن ته کين فيئر ٽرائيل جو موقعو ڏيڻ گهرجي.

هيءَ خبر به پڙهي سگهو ٿا

http://www.sindhsamaachar.com/2018/06/02/%D8%B2%D9%85%D9%8A%D9%86%D9%86-%D8%AC%D9%8A-%D8%BA%D9%8A%D8%B1-%D9%82%D8%A7%D9%86%D9%88%D9%86%D9%8A-%D8%A7%D9%84%D8%A7%D9%BD%D9%85%D9%8A%D9%86%D9%BD%D8%8C-%D8%A7%DA%B3%D9%88%DA%BB%D9%8A-%DA%86%D9%8A/

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *