گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ اربين رپين جي منصوبن جي مانيٽرنگ ڪير ڪندو ڪا خبر ناهي..!!

CMlarkano swage water

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪوٽڙي، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قاسم آباد ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن مان گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزير اعلي ٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس دوران عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪوٽڙي، لاڙڪاڻي، سکر ۽ شڪارپور ۾ شهرن جو گندو پاڻي واهن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي پاڻي شهرين کي پيئڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو وڏي وزير سيوريج نظام جي بهتري لاءِ فنڊز جي منظوري ڏني، ڪوٽڙي لاءِ 35 ملين، شڪارپور لاءِ 505 ۽ سکر جي ڊرينيج نظام جي بهتري لاءِ 1406 ميلن رپين جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران لاڙڪاڻي لاءِ 1400ملين، قاسم آباد لاءِ 1238 ملين ۽ حيدر آباد جي ٻين علائقن لاءِ 1280 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾ گندي ۽ زهريلي پاڻي جي نيڪال لاءِ به ٺوس اپاءُ وٺڻ جون هدايتون ڏنيون

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *