Sunday , February 23 2025

ڳيريلي ۾ سڱاوتي تڪرار تان عورت قتل

جوابدار گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري عورت ربينا ککراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي ويو

ڳيريلو (رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڳيريلو شهر ۾ سڱاوتي تڪرار تان جوابدار فائرنگي ڪري عورت کي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي ويو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو آحي. پوليس جو چوڻ آهي ته، ڳيريلي شهر جي ککراڻي پاڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن الهه ڏنو ککراڻي جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري 50 ورهين جي روبينا ککراڻي کي قتل ڪرڻ بعد سولائي سان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مقتولڻ جي وارثن چيو آهي ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان سندن سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *