انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي پاڪستان کان زرعي ٽيڪس لڳائڻ واري مطالبي تي سڀ کان پهريان سنڌ حڪومت زرعي ٽيڪس لڳائڻ جي تياري ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت “سنڌ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ايڪٽ 2025” لڳائڻ لاءِ مسودو تيار ڪري ورتو، اڄ سومر تي ڪابينا کان منظوري وٺڻ بعد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو ويندو.
هڪ ڪروڙ رپين کان 15 ڪروڙ رپين تائين سالياني زرعي آمدني تي ڪو به سپر ٽيڪس نه لڳايو ويندو پر 15ڪروڙ رپين کان 20 ڪروڙ رپين جي زرعي آمدني تي هڪ سيڪڙو سپر ٽيڪس، ساليانو 20 ڪروڙن کان 25 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدني تي 2 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ڪراچي (رپورٽ:اصغر آزاد سنڌسماءَچار)انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ/جي پاڪستان کان زرعي ٽيڪس لڳائڻ واري مطالبي تي سڀ کان پهريان سنڌ حڪومت زرعي ٽيڪس لڳائڻ جي تياري ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت “سنڌ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ايڪٽ 2025” لڳائڻ لاءِ مسودو تيار ڪري ورتو، اڄ سومر تي ڪابينا کان منظوري وٺڻ بعد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو ويندو. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آءِ ايم ايف کان قرض پروگرام وٺڻ دوران وفاقي حڪومت جي ڪيل واعدن مان هڪ وڌيڪ واعدي تي عملدرآمد جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. زراعت تي ٽيڪس لڳائڻ واري آءِ ايم ايف جي مطالبي تي وفاقي حڪومت جي هدايتن تي سڀ کان پهريان سنڌ حڪومت عمل ڪرڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان کان اڳ ۾ ئي “سنڌ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ايڪٽ2025 ” جي مسودي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ حڪومت سنڌ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ايڪٽ2025 جو مسودو اڄ سومر 3 فيبروريءَ تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سنڌ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ايڪٽ2025 تحت صوبي ۾ 6 لک رپين تائين جي سالياني زرعي آمدني ٽيڪس کان آجي هوندي، 6 لک رپين کان 12 لک رپين تائين سالياني زرعي آمدني تي15سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو. مسودي ۾12 لک رپين جي زرعي آمدني کان 16 لک رپين تائين جي آمدني تي 20 سيڪڙو، 16کان 32 لک رپيا سالياني زرعي آمدني تي30سيڪڙو زرعي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ زرعي آمدني تي 32 لک رپين کان 56 لک رپيا سالياني زرعي آمدني تي40 سيڪڙو ٽيڪس، ساليانو 56 لک رپين کان وڌيڪ زرعي آمدني تي 45 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو. ساليانو هڪ ڪروڙ رپين کان 15 ڪروڙ رپين تائين سالياني زرعي آمدني تي ڪو به سپر ٽيڪس نه لڳايو ويندو پر 15ڪروڙ رپين کان 20 ڪروڙ رپين جي زرعي آمدني تي هڪ سيڪڙو سپر ٽيڪس، ساليانو 20 ڪروڙن کان 25 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدني تي 2 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
بحرياٽائون جي مالڪ ملڪ رياض، سيد قائم علي شاهه، شرجيل ميمڻ سميت 33 ڄڻن خلاف نيب ريفرنس داخل
”ڪئنال ڪڍڻ لاءِ سي سي آءِ جي منظوري ۽ سنڌ حڪومت جو راضپو”، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت خاموش