Wednesday , March 12 2025

آئيني بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي؛ حڪومت بچائڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين: خواجا آصف

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي، ملڪ ۾ چونڊون رد ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهي به ڳالهيون هلن پيون ته آڪٽوبر ۾ چونڊن بابت عدالت ۾ ڪا درخواست اچي سگهي ٿي، ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته آڪٽوبر ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، حالتون ڳنڀير آهن، دير يا سوير ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي. دفاع واري وفااقي وزير ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته ماڻهن کي غلط فهمي آهي ته نواز شريف خاموش ويٺو آهي، نواز شريف خاموش ناهي پر هُو پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، اقتدار کسجڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ پاڪستان جي وجود لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. آمريڪا مان به پي ٽي آءِ کي مدد ملي پئي، ڇا پارليامينٽ جو ڪو تقدس ناهي، جيڪو اچي ان جي توهين ڪري وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ تي پابندي واري فيصلي بابت خواجا آصف چيو ته اهو فيصلو سينيئر اڳواڻن جي صلاح مشوري بعد ڪيو، پابندي وارو فيصلو ن ليگ جي قيادت ۽ سينيئر اڳواڻن جي صلاح بعد ڪيو. پي ٽي آءِ تي پابندي جو اعلان اتحادين سان مشوري بعد ڪرڻ گهرجي ها. پي ٽي آءِ تي پابندي بابت پيپلزپارٽي سان صلاح مشورو نه ڪيو ويو، باني پي ٽي آءِ جي آزادي في الحال نظر نه ٿي اچي. اهم مسئلن ۽ اسٽريٽجڪ پاليسي تي فيصلا نواز شريف جي صلاح بعد ٿيندا آهن، سسٽم کي پٽڙي تان لهڻ ۽ حڪومت بچائڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين.

About admin

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *