خيرپور( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) خيرپور ۾ آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران ٺيڪيدران کي ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ ۽ من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٺيڪيدارن محسن مهر، بهادر علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين الزام هڻندي چيو آهي ته آبپاشي عملدار سياسي پٺڀرائي ۽ من پسند ٺيڪيدارن کي 50 ڪروڙ رپين جا ترقياتي ڪم ڏئي وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪرڻ جا سانباهه ڪري رهيا آهن. هنن سنڌ حڪومت ۽ وزير ايريگيشن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٽينڊر روڪي ميرٽ جي بنيادن تي سمورن ٺيڪيدارن کان درخواستون ورتيون وڃن، ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو.