ڪوئيٽا( سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، مونکي بلوچستان سان پيار آهي، جيڪي به پاڻمرادو نوٽيس ورتا آحن اُهي نيڪ نيتي تي تي ورتا آهن. ڪوئيٽا ۾ وڪيلن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، مونکي بلوچستان سان پيار آهي، هتي صحت ۽ تعليم جي حالت اننتهائي خراب آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته، آخرڪار اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جو ٻين صوبن جا ماڻهو/آفيسر بلوچستان ۾ مقرر ڪيا وڃن ٿا، هتي ٻين صوبن جا ماڻهو نوڪريون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڻمرادا نوٽيسز عوامي مسئلن جي حل لاءِ وٺڻا پون ٿا، ڇو ته بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي.
Tags ڪوئيٽا: آخر بلوچستان ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو اهم عهدن تي ڇو ٿا مقرر ٿين؟؛چيف جسٽس ثاقب نثار
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …