
اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس آپريشن بُنيان مرصوص جي شاندار حڪمت عملي تي جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايئر چيف مارشل ظهير بابر سڌو جي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ بعد به سندس خدمتون جاري رکڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا جي پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف عل يزرداري سان ملاقات ڪري فيصلن جي حوالي سان کيس اعتماد ۾ ورتو، ڪابينا آپريشن بنيان مرصوص جي شهيدن ۽ غازين کي سرڪاري اعزازن سان نوازڻ جي منظوري ڏني، آپريشن بنيان مرصوص دوران خدمتون ڏيندڙ عام شهرين کي به ايواڊز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا چيو آهي ته آرمي چيف جي بي مثال قيادت سبب پاڪستان کي معرڪه حق ۾ تاريخي ڪاميابي ملي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاران آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ واري تجويز جِي ڪابينا متفقه طور منظوري ڏني، ڪابينا آپريشن بُنيان مَرصوص جي اعليٰ حڪمت عملي تي جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني. پڌرائي موجب دشمن کي تاريخي شڪست ڏيڻ تي جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ ۽ ايئر چيف مارشل جي ملازمت جو مدو ختم ٿيڻ بعد به خدمتون جاري رکڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا جي منظوري بعد ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ملازمت جو مدو ختم ٿيڻ بعد خدمتون جاري رکندو. ڪابينا جي فيصلي مطابق آپريشن بُنيان مَرصوص جي شهيدن ۽ غازين کي سرڪاري اعزازن سان نوازيو ويندو.
صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جون جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جَي عهدي تي ترقي ملڻ تي مبارڪون
صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جون جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جَي عهدي تي ترقي ملڻ تي مبارڪون، صدر آصف زرداري ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي فيلڊ مارشل عاصم منير جَي ساراهه ڪندي چيو ته فيلڊ مارشل جو عهدو وطن جي دفاع خاطر جنرل عاصم منير جَي خدمتن جو اعتراف آهي، جنرل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج بهترين حڪمت عملي سان دشمن جو غرور ڌوڙ ڪري ڇڏيو، صدر مملڪت ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي پنهنجي عهدي جَي مدي ۾ واڌ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ايئر فورس ايئر چيف مارشل جي قيادت ۾ ڀارتي ايئر فورس کي تاريخي شڪست ڏني، وزيراعظم شهباز شريف به فيلڊ مارشل عاصم منير کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته آرمي چيف معرڪه حق دوران آپريشن بُنيان مرصوص ۾ پنهنجي قائداڻي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن سان دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملايا، الله تعاليٰ جنرل سيد عاصم منير کي بي مثال خوبين سان نوازيو آهي، پوري قوم کي جنرل عاصم منير ۽ ان جي قيادت ۾ بهادر فوج جي غازين ۽ شهيدن تي فخر آهي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته هي اعزاز قوم جي امانت آهي، جنهن کي نڀائڻ لاءِ لکين عاصم به قربان، پنهنجو اعزاز پوري قوم، پاڪ فوج، خاص طور سول ۽ ملٽري شهيدن توڙي غازين جي نالي ڪيان ٿو. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته صدر پاڪستان، وزيراعظم ۽ ڪابينا جَي اعتماد تي ٿورائتو آهيان، هي انفرادي نه پر پاڪ فوج ۽ پوري قوم لاءِ اعزاز آهي، آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير قوم جا ٿورا مڃيا.
سنڌسماءَچار