آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وڌيڪ ٽي سال عهدي تي مقرر رهندو

وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جي ملازمت ۾ ٽن سالن تائين واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايندڙ ٽن سالن تائين پاڪ فوج جو سربراهه رهندو، وزير اعظم عمران خان منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي آرمي چيف جي عهدي واري ملازمت جي مدي ۾ ايندڙ ٽن سالن تائين واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم هائوس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته، آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾  واڌ وارو فيصلو ملڪي ۽ خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم جي فيصلي سان ملڪ خطي جي صورتحال کي مستحڪم ۽ امن جي ڪوششن جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي هٿي ملندي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *