راولپنڊي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٽن ڏينهن جي دوري تي اردن پهچي ويو آهي، جتي هن شاهه عبدالله سان ملاقات ڪئي.آرمي چيف ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اردن پاران ڪنهن به مثبت قدم جو آڌرڀاءَ ڪندو. آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اردن جي ٽن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو، ان موقعي تي ٻه طرفن دفاعي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپن جي لاءِ خدمتن تي آرمي چيف کي اردن جو اعليٰ فوجي اعزاز عطا ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اردن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، اسان اردن پاران ڪنهن به مثبت قدم جو آڌر ڀاءَ ڪنداسين. ملاقات ۾ شاهه عبدالله سيڪيورٽي، دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
Check Also
ارسا پنهنجي ئي موقف تان ڦِري وئي، پاڻي جي خطرناڪ حد تائين کوٽ جو اعتراف
اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پنجاب حڪومت کي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ …