Monday , April 21 2025
Breaking News

آصف زرداري، قادري ۽ عمران گڏ ويهندا ته خوشي ٿيندي: شاهه محمد شاهه

ڪنڌڪوٽ ( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) پاڪستان پيپلز پارتي ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس وارن جي اتحاد ٿي سگهي ٿو، آصف زرداري، عمران خان ۽ طاهرالقادري کي گڏ ويهندا ته مونکي وڏي خوشي ٿيندي. ڪنڌ ڪوٽ ۾ ميرحسين رند سان سندس ڀاءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمد شاهه چيو ته، جلد سنڌ جا اهم ماڻهو مسلم ن ليگ ۾ شامل ٿيندا. شاهه محمد شاهه چيو ته آصف علي زرداري، ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان کي هڪ هنڌ ڏسي مون کي خوش ٿيندي.هن چيو ته عمران ۽ نواز شريف لاءِ عدالتن وٽ جدا جدا معيار آهن، اقامه تي نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو. شاهه محمد شاهه چيو ته عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري ڪشميري ۽ فلسطيني عوام جي حقن خلاف آهن.

About Asghar Azad

Check Also

مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رهندو يا اسان شهيد ٿينداسين: عامر وڙائڇ

”ڪئنالن جو منصوبو رد ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، يا اسان شهات ماڻينداسين، ڌرڻي تي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *