آصف زرداري جو ڪئنالن بابت بيان سنڌي قوم سان دوکو ۽ گمراهه ڪرڻ آهي: زين شاهه

آصف زرداري جو بيان سنڌي قوم سان دوکو، ٻٽو معيار، ڊرامو ۽ ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو چڱيءَ طرح سمجهن ٿا، هن پاڻ ايوان صدر ۾ ويهي ڪئنالن واري منصوبي ۽ گرين انيشيٽو منصوبي جي منظوري ڏي، سنڌو درياءَ جو سودو ڪري سنڌ جي زمينن جي نيلامي جي منظوري ڏني

.

ڄامشورو (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)آصف زرداري جو ڪئنالن واري معاملي تي پارليامينٽ ۾ ڏنل بيان سنڌي قوم سان دوکو، ٻٽو معيار، ڊرامو ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه به ناهي، آصف زرداري پاڻ صدارتي محل ۾ ويهي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي سنڌ جي حصي جي پاڻي جي لٽ مار جي منظوري ڏئي چڪو آهي. سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر ۽ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه، صدر آصف علي زرداري جي ڪئنالن بابت پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ڏنل بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته،  آصف زرداري جو بيان سنڌي قوم سان دوکو، ٻٽو معيار، ڊرامو ۽ ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو چڱيءَ طرح سمجهن ٿا، هن پاڻ ايوان صدر ۾ ويهي ڪئنالن واري منصوبي ۽ گرين انيشيٽو منصوبي جي منظوري ڏي، سنڌو درياءَ جو سودو ڪري سنڌ جي زمينن جي نيلامي جي منظوري ڏني. زين شاه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آصف زرداري جو بيان سياسي منافقت جي انتها، عوام سان سنگين غداري ۽ سنڌ جي حقن تي کليل حملو آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي. جيڪڏهن صدر زرداري ڪينالن جي خلاف آهي ته کيس وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها ۽ سنڌ ۾ ڏنل زمينون واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ها. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي وڌيڪ دوکو نٿو ڏئي سگهجي.  هي سازش تان پردو کڄي چڪو آهي.

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *