آصف زرداري جو بيان سنڌي قوم سان دوکو، ٻٽو معيار، ڊرامو ۽ ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو چڱيءَ طرح سمجهن ٿا، هن پاڻ ايوان صدر ۾ ويهي ڪئنالن واري منصوبي ۽ گرين انيشيٽو منصوبي جي منظوري ڏي، سنڌو درياءَ جو سودو ڪري سنڌ جي زمينن جي نيلامي جي منظوري ڏني
.
ڄامشورو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار)آصف زرداري جو ڪئنالن واري معاملي تي پارليامينٽ ۾ ڏنل بيان سنڌي قوم سان دوکو، ٻٽو معيار، ڊرامو ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه به ناهي، آصف زرداري پاڻ صدارتي محل ۾ ويهي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي سنڌ جي حصي جي پاڻي جي لٽ مار جي منظوري ڏئي چڪو آهي. سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر ۽ ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه، صدر آصف علي زرداري جي ڪئنالن بابت پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ڏنل بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته، آصف زرداري جو بيان سنڌي قوم سان دوکو، ٻٽو معيار، ڊرامو ۽ ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو چڱيءَ طرح سمجهن ٿا، هن پاڻ ايوان صدر ۾ ويهي ڪئنالن واري منصوبي ۽ گرين انيشيٽو منصوبي جي منظوري ڏي، سنڌو درياءَ جو سودو ڪري سنڌ جي زمينن جي نيلامي جي منظوري ڏني. زين شاه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آصف زرداري جو بيان سياسي منافقت جي انتها، عوام سان سنگين غداري ۽ سنڌ جي حقن تي کليل حملو آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي. جيڪڏهن صدر زرداري ڪينالن جي خلاف آهي ته کيس وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها ۽ سنڌ ۾ ڏنل زمينون واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ها. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي وڌيڪ دوکو نٿو ڏئي سگهجي. هي سازش تان پردو کڄي چڪو آهي.