Sunday , February 23 2025

آغا سراج دراني جي گهر واري سميت 13 ڀاتين جي گرفتاري وارنٽس جاري

آغا سراج دراني جي گهر واري سميت 13 ڀاتين جي گرفتاري وارنٽس جاري، سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا

ڪراچي (ڪورٽ رپورٽر     سنڌسماءَچار) احتساب عدالت سنڌ اسيملبي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گهر واري سميت 13 گهر ڀاتين کي مفرور جوابدار ڄاڻائيندي گرفتاري وارنٽس جاري ڪندي سندن سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت ڪراچي ۾ آغا سراج دراني، سندس گهر واري ۽ ٻين گهرڀاتين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب آغا سراج دراني سميت ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، ڪيس جي ڪارروائي شروع ٿي ته عدالت جي جج عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان سمورن مفرور جوابدارن جي حوالي سان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت طرفان جِن 13 جوابدارن جا گرفاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، اُنهن ۾ اسپيڪر آغا سراج دُراني جي گهرواري ناهيد دُراني، پُٽ آغا شهباز دُراني، صنم دُراني ۽ سونيا دُراني سوڌو سندس چار ڌيئرون به شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *