آمريڪا ۽ اسرائيل پاران غزا امن معاهدو پيش، پاڪستان حمايت ڪري ڇڏي، “پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير حقيقت ۾ شروع کان اسان سان گڏ آهن، انهن هڪ بيان به جاري ڪيو آهي ته هُو ان معاهدي تي مڪمل يقين رکن ٿا ۽ ان جي سئو سيڪڙو حمايت ڪن ٿا.”: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ
ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) فلسطين ۾ انساني نسل ڪُشي ڪندڙ اسرائيل ۽ سندس ساٿاري آمريڪا غزا امن جو غيرحتمي معاهدو پيش ڪري ڇڏيو، پاڪستان پاران حمايت، اسرائيلي وزيراعظم قطري وزيراعظم کان فون تي دوحا تي ڪيل حملي جي معافي وٺي ڇڏي ٻين اڪثر مسلمان ملڪن پاران حمايت جي دعويٰ. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي واشنٽگن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ڊگهي ملاقات، غزا جنگبندي، وچ اوڀر ۾ امن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون. عالمي خابرو ادارن جي رپورٽس مطابق، ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي ملاقات دوران اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو قطر جي وزيراعظم سان فون تي رابطو ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي. عالمي ميڊيا جي رپورٽس مطابق نيتن ياهو فون تي قطري وزيراعظم کان دوحا ۾ اسرائيلي حملي تي معافي ورتي، عالمي ميڊيا جي رپورٽس م اهو واضح ناهي ته نيتن ياهو جي معافي وٺڻ تي قطري وزيراعظم کيس ڪهڙو جواب ڏنو.

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ بينجمن نيتن ياهو وائيٽ هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي، پنهنجي تيار ڪيل غزا امن معاهدي جو اعلان ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته غزا امن معاهدي ۽ جنگبندي جي بلڪل ويجهو پهچي ويا آهيون، ان معاهدي جي پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل حمايت ڪئي آهي، جنهن تي اسان سندن شڪرگذار آهيون.هن چيو ته اهڙيون ڳالهيون جيڪي سوين هزارين سالن کان هلندڙن آهن، انهن جي ويجهو پهچي ويا آهيون، ڪجهه ملڪ ۽ انهن جا سربراهه سمجههي رهيا آهن ته فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪيو پيو وڃي پر ائين حتمي طور ناهي ٿيو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان جو ٽارگيٽ صرف غزا جي پٽي نه پوري وچ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ آهي، ٽرمپ چيو ته مان نيتن ياهو سان ايران، ابراهما معاهدن ۽ غزا جهڙن تڪرارن تي به ڳالهيون ٿيون آهن.
سنڌسماءَچار